ڀارت 8 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين هنئي ۽ هتي خيرات تي پيو ڪم هلي: شاهد خاقان

اسلام آباد: مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پي ڊي ايم ۾ واپسي وارو چانس پيپلز پارٽي وٽ ئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ احتساب جو نظام اڳتي وڌي رهيو آهي، ڪالهه عمران خان فرمايو ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، هن حڪومت جو هر لمحو ڳرو آهي، پنجاب ۾ تاريخ جي بدترين حڪومت آهي جنهن هر شعبو تباهه ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪرپشن مان ننڍي کان ننڍي نوڪري به محفوظ ناهي، اڄ هر شخص مهانگائي کان پريشان آهي، بيروزگاري وڌي رهي آهي ۽ معيشت تباهه ٿي چڪي آهي، حڪومتي آمدني اُتي ۽ خرچ وڌي ويا آهن جڏهن ته کنڊ اڄ به 115 رپيا ڪلو ۾ ملي رهي آهي. شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته ڀارت 8 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين هڻي چڪو آهي ۽ اسان هڪ سيڪڙو به ناهيون هڻي سگهيا، اڄ مسئلي جو حل لاڪ ڊائون نه پر ماسڪ پائڻ ۽ ويڪسين ۾ آهي، حڪومت هن وقت تائين خريدي ناهي رڳو خيرات تي ڪم پيو هلي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔