پيٽرول جي هٿرادو کوٽ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽ ٿيڻ تي هٿرادو کوٽ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. لاهور هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي دوران سخت ريمارڪس ڏيندي چيو ته معاشري ۾ ڳِجهون ويٺيون آهن، جن کي رڳو پنهنجو ئي مفاد عزيز آهي، گڊ گورننس ڇا جو نالو آهي ۽ حڪومت ڪٿي آهي؟ هاڻ شايد وقت اچي رهيو آهي ته معاشري کي بچائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي، قانون ساز ادارن کي ڪم ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس محمد قاسم خان چيو ته جڏهن عدالتون ايڪشن وٺنديون آهن ته اک کُلي ويندي آهي هلو ڪو ڪم ڪيون، عدالت ڏسندي ته ڪهڙي ڪارروائي ڪرڻي آهي. عدالت چيو ته ايڪٽ موجب ئي فيصلو ڏينداسين، عدالت حتمي نتيجي تي پهچي وئي آهي، جنهن جو فيصلو ڪجهه ڏينهن ۾ ٻڌايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔