ڀارت ۾ وڌيڪ ٻه هزار اٺ سئو ڇهه ڄڻا ڪورونا سبب فوت

نئين دهلي: ڀارت ۾ ڪورونا جا قهر جاري آهن، گذريل ڏينهن وڌيڪ ٽي لک 54 هزار ماڻهو متاٿر ٿيا، هي پنجون ڏينهن آهي جو ٽي لک ماڻهو هن وبا کان متاثر ٿيا آهن، ٽرينون اسپتالن ۾ تبديل ٿي ويون آهن، امير ماڻهو ڀارت کي ڇڏي خانگي جهازن ۾ فرار ٿي رهيا آهن.
حالتون ايتريقدر خوفناڪ آهن جو گيس سيلينڊر جي حفاظت لاءِ پوليس کي مقرر ڪيو ويو آهي، اسپتالن کان ٻاهر ماڻهو آڪسيجن جو انتظار ڪندي ڪندي مري رهيا آهن.
اولهه جي ميڊيا ڀارتي وزيراعظم کي حالتن جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم اوور ڪانفيڊنٽ آهي، جڏهن ڪورونا ڦهلجي رهيو هو ته نريندر مودي بنگال ۾ بغير ماسڪ جي گهمي رهيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔