ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ: ڀارت جا شاهوڪار ماڻهو خانگي جهازن وسيلي ملڪ ڇڏڻ لڳا

لنڊن: ڀارت ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب شاهوڪار ماڻهو هزارين پائونڊ ڏئي خانگي جهازن وسيلي ملڪ مان نڪرڻ شروع ٿيا آهن.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب ڀارت ۾ ڪورونا جي خطرناڪ حد تائين وڌندڙ ڪيسن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو ملڪ ڇڏي ويا جڏهن ته ٻين ملڪن پاران ڀارتي اڏامن تي پابندي بعد ڀارت جا امير ماڻهو خانگي جهازن وسيلي برطانيا پهچي ويا آهن.
جڏهن ته ڪيترن ئي جهازن کي لهڻ جي به اجازت نه ملي.
ذريعن موجب سفري پابندين بعد ڀارت کان ايندڙ تقريبن 8 جهازن کي برطانيا ۾ لهڻ جي اجازت ڏني وئي جيڪي 70 هزار في پائونڊ جهاز جي قيمت ادا ڪري پهتا، انهن اڏامن ۾ چار ممبئي، ٽي دهلي ۽ هڪ احمد جي شامل آهي.
ان کان اڳ 22 اپريل تي ڀارت کان لنڊن 300 ٽڪيٽون وڪرو ٿيون جن کي سفري پابنديون هجڻ سبب واپس ڪيو ويو، هي ٽڪيٽون 11 سئو پائونڊ في سيٽ جي حساب سان وڪرو ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔