ڀارت 5 آگسٽ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري ته ڳالهيون لاءِ تيار آهيون: شاهه محمود

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي فيصلن تي نظرثاني ڪري ته پاڪستان حل طلب سمورن مسئلن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي. ترڪ خابرو اداري ايجنسي ڏنل انٽرويو ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته افغان معاملي تي سياسي سمجهوتو نه ٿيو ته اُتي ٻيهر خانه جنگي ٿي سگهي ٿي ان ڪري افغان طالبان کي امن عمل سان جوڙي رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهنداسين، دوحا ۾ شروع امن عمل استنبول ڪانفرنس جي ذريعي منطقي انجام تائين پهچائڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي فيصلن تي نظرثانيڪري ته پاڪستان حل طلب سمورن مسئلن تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، اسان جنگ نٿا چاهيون ڇو ته اِهو ٻنهي لاءِ آپگهات هوندو ان ڪري پاڪستان ۽ ڀارت کي ويهي ڳالهيون ڪرڻ جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔