اڳوڻي نيب چيئرمين محمد امجد براڊ شيٽ ڪميشن کي بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد: اڳوڻي چيئرمين نيب محمد امجد براڊ شيٽ ڪميشن کي پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. اڳوڻي نيب چيئرمين محمد امجد براڊ شيٽ ڪميشن کي پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرايو آهي جنهن جي ڪاپي ميڊيا کي ملي آهي. محمد امجد پنهنجي بيان ۾ چيو ته براڊ شيٽ معاهدو ڪندڙ نمائندي رولنڊرڊمين جو لائسنس فراڊ ڪرڻ تي معطل هو، خبر هجي ها ته ڪڏهن براڊ شيٽ سان نه ئي انٽرنيشنل ايسيٽ ريڪوري سان معاهدو ڪري ها. سندس چوڻ هو ته براڊ شيٽ معاهدي جو ڊاڪيومنٽ قانون واري ناڻي واري وزارت کان منظور ناهي ڪرايو ويو. اڳوڻي نيب چيئرمين وڌيڪ چيو ته مون نيب ۾ صحيح جي لاءِ هميشه سائي رنگ جو استعمال ڪيو، براڊ شيٽ معاهديجي فائل مان لڳي ٿوته اُتي ڪاري رنگ کي استعمال ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔