اسان کي چرن نه چوڪيدارن ڦريو آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي: پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسان کي چرن نه چوڪيدارن ڦريو آهي. ڪراچي ۾ اي اي 249 بلديا ٽائون ۾ جلسي کي خطاب ۾ مصطفيٰ ڪمال چيو ته اين اي 249 جي مسئلن کان آگاهه آهيان، ماڻهن وٽ پهرين آپشن نه هو اڄوڪي جي الله جي حڪم سان پاڪ سر زمين پارٽي بيهي چڪي آهي. هن چيو ته پاڪ سر زمين پارٽي جي ڪارڪنن جي جدوجهد کي تاريخ لکندي، ماڻهو پارٽِين ۾ پروٽوڪول ۽ پيسن جي لاءِ ويندا آهن جڏهن ته پي ايس پي سان ماڻهو ڪجهه نه هئڻ ۽ موت جي ڊپ جي باوجود جڙجي ويا. مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته ليڊر ايندا هئا نوجوانن ۾ نفرت ڀري ويندا هئا ۽ هليا ويندا هئا، جيڪي ماڻهو لساني سياست ڪندا هئا هاڻ اُهي بند گهٽي ۾ داخل ٿي ويا. هن وڌيڪ چيو ته بلديا جي عوام ڪراچي مان عصيبت جي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو آهي، عوام کي مبارڪ هجي هاڻ ڪلمو پڙهندڙ جو ڪلمو پڙهندڙ هٿان رت نه وهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔