فائز عيسيٰ نظرثاني: ٻن ججن 19 جون 2020ع واري فيصلي کي اڄوڪي فيصلي ۾ خارج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس ۾ 19 جون 2020ع تي ڏنل پنهنجي فيصلي کي اڄوڪي فيصلي ۾ خارج ڪري ڇڏيو. جسٽس فائز عسيٰ نظرثاني جون سموريون درخواستون 4،6 سان منظور ٿيون جڏهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي انفرادي درخواست 5 ججن منظور ۽ 5 خارج ڪئي. 19 جون 2020ع واري فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف صدارتي ريفرنس خارج ڪيو هو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس ڪالعدم قرار جو فيصلو سمورن 10 ججن جو گڏيل هو جڏهن ته 7 ججن قاضي فائز جي گهرواري جا ٽيڪس معاملا فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو. هاڻ ان مان ٻن ججن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس ۾ 19 جون 2020ع تي پنهنجي ڏنلفيصلي کي اڄوڪي فيصلي ۾ خارج ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔