شهباز شريف جي ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل

لاهور: ن ليگ صدر شهباز شريف ڪورونا جي پکڙجندڙ لهر دوران ماڻهن کي گهرن تائين محدود رهڻ جي اپيل ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو آهي ته موجوده سنگين صورتحال ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي پيارن جون زندگيون محفوظ بڻائڻ کي يقيني بڻايو. هن ضمانت تي آزادي کانپوءِ عوام، پارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جا به ٿورا مڃيا ۽ چيو ته الله پاڪ مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامياب ڪيو ۽ سچ کي ظاهر ڪري ڏيکاريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔