پي پي 84 ننڍي چونڊ: ضابطن جي ڀڃڪڙي تي نادرا کي نوٽيس

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن خوشاب ۾ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 84 ۾ ننڍي چونڊ جي اعلان کانپوءِ ضابطن جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن موجب نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) خوشاب ۾ 4 سينيئر ملازمن جا پوسٽنگ آرڊر جاري ڪيا، جيڪا ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي. اليڪشن ڪميشن نادرا کي فوري طور پوسٽنگ آرڊر واپس وٺڻ جي هدايت ڪندي 25 جولاءِ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب تڪ ۾ چونڊ جي اعلان کانپوءِ ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ تي پابندي آهي. واضح رهي ته خوشاب جي تڪ پي پي 84 ۾ ضمني چونڊ 5 مئي تي ٿيندي، اها سيٽ ن ليگ ايم پي اي ملڪ وارث جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔