ڪا به اپوزيشن پارٽي عوام جي حقن جي جنگ نه پئي وڙهي: سراج الحق

لاهور؛ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمران کوکلا نعرا هڻڻ بند ڪن، ڪا به اپوزيشن پارٽي عوام جي حقن جي جنگ نه پئي وڙهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سراج الحق چيو ته پاڪستان تيستائين اڳتي نه وڌندو، جيستائين ماڻهن جا مسئلا حل نه ٿيندا، دهشتگردي ٻيهر ڪَر کڻڻ لڳي آهي، ڪورونا سان گڏوگڏ حڪومت جون معاشي پاليسيون به ملڪ لاءِ تباهي ثابت ٿي رهيون آهن. هن چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري قوم لاءِ وڏي آزمائش بڻجي وئي آهي، حڪمرانن ۾ احساس نالي ڪا شئي ناهي، مافياز کي جيلن ۾ وجهڻ بدران انهن جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته رمضان جي مهيني ۾ به ماڻهن ڊگهين قطارن ۾ ڪلاڪ جا ڪلاڪ بيهي راشن خريد ڪري رهيا آهن، عوام جي خريداري جي قوت جواب ڏئي وئي آهي، جماعت اسلامي کانسواءِ ڪا به اپوزيشن پارٽي عوام جي حقن جي جنگ نه پئي وڙهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔