احتياط نه ڪيو ويو ته لاڪ ڊائون تي مجبور ٿينداسين: صدر عارف علوي

ڪراچي: صدر عارف علوي عوام کي احتياط جي اپيل ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر توهان جي سهڪار جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي جي صدارت هيٺ گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ٽين لهر ۽ احتياطي اپائن تي عملدرآمد بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزيرن اسد عمر، علي حيدر زيدي، سينيٽر سيف الله ابڙي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير اسد عمر ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿيندي پئي وڃي، موجوده لهر پهرين کان وڌيڪ خطرناڪ آهي ۽ تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي. هن چيو ته ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب اسپتالن ۾ آڪسيجن جي طلب وڌي آهي، جنهن جي ڪري آڪسيجن جي فراهمي جي صلاحيت هاڻ دٻاءَ جو شڪار آهي، تنهن ڪري عوام کي احتياط جي اپيل ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ۽ صورتحال ضابطي ۾ نه آئي ته لاڪ ڊائون تي مجبور ٿينداسين. ان موقعي تي صدر عارف علوي به عوام کي احتياط جي اپيل ڪندي چيو ته حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر توهان جو سهڪار گهرجي، ڇو ته احتياط ڪري اسان پنهنجي پيارن ۽ شهرين جون زندگيون بچائي سگهون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔