نواز ليگ ۽ شريف خاندان ۾ ڏار وجهڻ جا خواب ڏسندڙن کي مايوسي ملندي:مريم نواز

لاهور: منهنجو ٽارگيٽ پيپلز پارٽي ناهي، سياسي ميدان ۾ هڪٻئي خلاف بيهنداسين پر حدون پار نه ٿينديون، هاڻي به پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي سان ملاقات ٿي ته بهتر ماحول ۾ هوندي، پي ڊي ايم صحيح رُخ ۾ پئي وڃي، پوئتي نه پيا ڏسون، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جهانگير ترين سان گڏ پي ٽي آءِ جو نظر آيل گروپ اصل ۾ اُن کان وڏو آهي، بهانو جهانگير ترين جو آهي، پر ڪير به پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي ايندڙ چونڊون نٿو وڙهڻ گهري، نواز ليگ ۽ شريف خاندان ۾ ڏار وجهڻ جا خواب ڏسندڙن کي ٻيهر مايوسي ملندي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران مريم نواز چيو ته ڪورونا جا صورتحال ۽ عوام جي زندگين کي نظر ۾ رکندي ڪراچي جو دورو ملتوي ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔