افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان افغانستان جي سفير ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران افغان سفير افغان امن عمل لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي، اسان جو اڪيلو مقصد افغانستان ۾ امن، خود مختياري، استحڪام ۽ خوشحالي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔