ڀارت جو ڊبل ميوٽينٽ ڪورونا وائرس دنيا لاءِ نئون خطرو قرار

نئين دهلي: ڀارت جو ڊبل ميوٽينٽ ڪورونا وائرس دنيا جي لاءِ نئون خطرو قرار ڏنو پيو وڃي. پر ڀارتي حڪومت ذميواري قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب ڀارتي ڊبل ميوٽينٽ وائرس جي پکيڙ کي تيز رفتار بنائڻ کان علاوه فوتگين ۾ به واڌ جو سبب آهي. ڊبل ميوٽينٽ گذريل سال جي ختم ٿيڻ تي رپورٽ ٿيو پر مودي سرڪار ڄاڻي واڻي ان کي نظر انداز ڪيو. هينئر تائين آسٽريليا، بيلجيم، جرمني، آئرلينڊ، نيوزيلينڊ، سينگاپور، برطانيه ۽ آمريڪا سميت 10 ملڪن ۾ ڀارتي وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.اپريل ۾ ڪورونا جي 52 سيڪڙو نون ڪيسز جو سبب ڀارتي وائرس آهي. ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 لک 56 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔