وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جي سکن جون دليون کٽي ورتيون

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جي سک برادري کي گردوارا جنم استهان ننڪانا صاحب ۾ ويساکي جي ميلي ۾ سال کانپوءِ وري شرڪت جي اجازت ڏئي ڀارت جي سکن جون دليون کٽي ورتيون آهن.

14 اپريل تي گوردوارا پنجا صاحب حسن ابدال ۾ سک برادري پاران بيساکي جو ميلو لڳايو  ويو ، 818 ڀارتي سکن جو هڪ جٿو بيساکي جي ان ميلي ۾ شرڪت لاءِ آيو هو ، ڀارتي سکن جو اهو جٿو واگها بارڊر وسيلي 12 اپريل تي پاڪستان پهتو هو .

اِي ٽِي پي بي ۽ پي ايس جي پي سي پاران سندن سفر ، رهائش، کاڌي پيتي ، سڪيورٽي توڙي ميڊيڪل جو بندوبست ڪيو ويو هو ۽ کين هر طرح جون سهولتون پڻ ڏنيون ويون هيون .

ياتري 12 اپريل کان 22 اپريل تائين پاڪستان ۾ ترسڻ دوران مختلف گوردوارن جو پڻ دورو ڪندا ان دوران هو پهريون ڀيرو ڪرتار ۾ به هڪ رات ترسندا .

22 اپريل 2021 تي پنهنجي ياترا پوري ٿيڻ تي اهي واگها بارڊر وسيلي ڀارت لاءِ روانا ٿيندا . پاڪستان حڪومت پاران دنيا جي سک برادري  کي محبت جو پيغام ڏيندي انهن لاءِ ميلي دوران ڪورونا ايس او پيز ۾ به نرميون ڪيون ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔