بدقسمتي سان ڪجهه سياسي ۽ ديني جماعتون اسلام جو غلط استعمال ڪنديون آهن، اُهي جماعتون پنهنجي ملڪ کي ئي نقصان پهچائين ٿيون: وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سان ڪجهه سياسي ۽ ديني جماعتون اسلام جو غلط استعمال ڪنديون آهن، اُهي جماعتون پنهنجي ملڪ کي ئي نقصان پهچائين ٿيون، وزيراعظم عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان سڀ نبي ڪريم ﷺ سان پيار ڪندا آهيون، پنهنجي ملڪ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري پاڻ کي نقصان پهچايون ٿا، اولهه جَي ملڪن تي ڪوبه فرق نه پوندو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڄنگهون ڇڪيندڙن جي کوٽ نه آهي، گهڻا ماڻهو اسلام آباد لاءِ اسلام کي استعمال ڪن ٿا، کين خبر ناهي ته عمران خان ڪڏهن به شڪست ناهي سکي، جِن جا عقيدا نٿا ملن، اُهي موقعي جي ڳولا ۾ هوندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔