ملير: پابندي پيل تنظيم جو دهشتگرد گرفتار، هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ

ملير: ملير ۾ پابندي پيل تنظيم تحريڪ طالبان باجوڙ گروپ جي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس موجب دهشتگرد عثمان غني افغانستان مان تربيت ورتي هئي، هو فيس بُڪ ذريعي ساٿي دهشتگردن سان رابطن ۾ هوندو هو، جوابدار ڪيترن ئي وارداتن ۾ ب ملوث آهي، پوليس موجب 2020 ۾ گرفتار ڪيل دهشتگرد بجرب الله عرف مجلس عرف جٽ کي ڪراچي ۾ وڏي رقم ڏيڻ جو انڪشاف ڪيو هو، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري کائنس وڌيڪ جاچ جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔