سڄي دنيا ۾ ٽوئٽر سروس متاثر، صارفين کي سخت پريشاني

سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا ويب سائٽ ٽوئٽر جي سروس متاثر ٿيڻ سبب صارفين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ڇنڇر جي صبح ٽوئٽر جي سروس متاثر ٿي جنهن سبب هزارين ٽوئٽر صارفين ٽوئٽر سائٽ تي شڪايتون داخل ڪيون. مانيٽرنگ ويب سائٽ ڊائون ڊيٽيڪٽر موجب ٽوئٽر جا ڪجهه صارفين ٽوئٽ نه پيا ڪري سگهن ۽ ڪجهه صارفين پنهنجي ٽائم لائن چيڪ ڪرڻ کان قاصر آهن جڏهن ته ڪجهه صارفين لاگ ان نه ٿيڻ جون به شڪايتون ڪيون آهن.ٽوئٽر سروس متاثر ٿيڻ سبب صارفين کي ٽوئٽ جي اپ لوڊنگ، لاگ ان ۾ پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان حوالي سان ٽوئٽر انتظاميه طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٽوئٽر ۾ ڪجهه مسئلن جي تصديق ڪئي وئي آهي.انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڪجهه صارفين جا ٽوئٽس لوڊ ناهن ٿي رهيا. ان حوالي سان ٿيندڙ خرابي تي ڪم جاري آهي ۽ صارفين جلد پنهنجي ٽائم لائن تي واپس اچي سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔