وفاقي حڪومت روايتي سرنج جي گهرائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت روايتي سرنج جي گهرائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.واپار واري وزارت طرفان روايتي سرنج جي گهرائڻ تي پابندي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب 2 ملي ليٽر، 2.5 ملي ليٽر، 3 ملي ليٽر ۽ 5 ملي ليٽر جي سرنج گهرائڻ تي پابندي هوندي. ذريعن موجب روايتي سرنج جي ٻيهر استعمال ٿيڻ سبب پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.گذريل مهيني حڪومت آٽو ڊسپوزيبل سرنج جي گهرائڻ تي ڊيوٽيون ختم ڪيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔