ملڪ ۾ سڀ کان وڏي کنڊ مافيا سنڌ ۾ آهي:حليم عادل شيخ

ڪراچي : پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته جهانگير ترين اڄ به پي ٽي آءِ ۾ آهي، پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو کنڊ مافيا سنڌ ۾ آهي، احتساب سڀني لاءِ آهي ۽ اهائي تبديلي آهي، وزيراعظم ڪالهه سکر اچي عوام جون دليون کٽي ورتيون، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته ٿرپارڪر ۾ عوام کي وزيراعظم طرفان هيلٿ ڪارڊ ملي چڪا آهن، هاڻي پيپلز پارٽي ڪجهه نٿي ڪري، ان جي وڃڻ جو وقت اچي چڪو آهي، هن چيو آهي ته ڪراچي ۾ گٽر نالن جي صفائي شروع ٿي چڪي، گيس ۽ بجلي پري وارن علائقن ۾ پهچائي پئي وڃي، ڪامياب جوان پروگرام تحت 10 لک کان اڍائي ڪروڙ تائين قرض سنڌ جي نوجوانن کي ڏنو پيو وڃي، سنڌ حڪومت وٽ تجربي وارو ناڻي وارو وزير گذريل 13 سالن کان ويٺل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔