انصاف نه مليو ته فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد هونداسين: راجه رياض جي عمران خان کي آخري وارننگ

لاهور: راجه رياض عمران خان کي آخري وارننگ ڏيندي چيو آهي ته انصاف نه مليو ته فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد هونداسين.

وزيراعظم کي آخري ڀيرو چئي رهيا آهيون ته اسان کي انصاف ڏنو وڃي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ راجا رياض جهانگير ترين جي حامي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن سان گڏ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڳالهين کي وڌيڪ اڳيان نه وڌايو، وڏي صبر سان تحريڪ انصاف جي جهنڊي هيٺيان بيٺل آهيون. اڄ آخري ڀيرو مديني جي رياست ۾ چئي رهيا آهيون ته اسان کي انصاف ڏنو وڃي.

ان موقعي تي اسحاق خاڪواني به چيو ته اڄ نه انصاف آهي، نه ايمانداري آهي. اسان  ڪوبه رليف نه گهري رهيا آهيون. ۽ نه ئي وري بليڪ ميل ڪري رهيا آهيون. ڪجهه ڏينهن ڏيو ان کان پوءِ سڀ ڪجهه سامهون کڻي اينداسين ۽ الزامن جو جواب به ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔