اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي خلاف نيب اپيلن بابت اهم اڳڀرائي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي خلاف نيب اپيلون پهرين جون تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون.

شوڪت ترين رينٽل پاور منصوبي، ساهيوال ۽ پيرا غائب ريفرنس ۾ جلد ٻڌڻي جي درخواست ڏني آهي. جنهن تي عدالت رجسٽرار هاءِ ڪورٽ کي نيب اپيلون ڪورونا پاليسي موجب مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار شوڪت ترين جي خلاف ٻه نيب اپيلون ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي. ساهيوال رينٽل پاور ۽ پيرا غائب ريفرنس ۾ نيب جي شوڪت ترين جي بريت جي خلاف اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ عدالت شوڪت ترين، پرويز اشرف ۽ ٻين جوابدارن جي بريت خلاف نيب اپيل تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

نيب احتساب عدالت جي جون 2020 جي جوابدارن  جي بريت جي ٻن فيصلن کي چيلنج ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔