بيواهن جو حق کائي جاتي امرا ۾ محل اڏيا ويا: فردوس عاشق

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بيواهن جو حق کائي جات امرا ۾ محل اڏيا ويا جڏهن ته بيواهڻ ۽ يتيمن جي ملڪيتن تي قبضو ڪندڙ گروپ بي نقاب ٿي ويو. لاهور ۾پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جاتي امرا جي زمين تي شريف خاندان جو ناجائز قبضو هو، شاهي خاندان بيواهه جي حق تي هٿ صاف ڪرڻ کان باز نه آيو، جاتي امرا ۾ زمين شاهي فرمان سان ٽرانسفر ٿي جڏهن ته زمين آجي ڪرائڻ لاءِ لاڳاپيل کاتي کي حڪم ڏنو ويو. هڪ مذهبي تنظيم جي احتجاج تي سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ مذهبي نفرت پکيڙي ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔