اسلامي نظرياتي ڪونسل ۾ مقرري جي منظوري، قبلا اياز چيئرمين مقرر

اسلام آباد: ملڪ جي صدر عارف علوي اسلامي نظرياتي ڪونسل ۾ مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي. ملڪ جي صدر آئين جي آرٽيڪل 228 جي تحت اسلامي نظرياتي ڪونسل ۾ مقررين جي منظوري ڏني، صدر عارف علوي ڪونسل جي 12 خالي سيٽن تي مقررين جي منظوري ڏني. ڊاڪٽر قبلا اياز کي اسلامي نظرياتي ڪونسل جي چيئرمين طور مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪراچي يونيورسٽي مان ڊاڪٽر عمير محمود صديقي ۽ پير ابوالحسن محمد شاهه آف ڀيرا شريف کي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ محمد حسن حسيب الرحمان ۽ دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ جو مولانا حميد الحق حقاني به ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. ملڪ جي صدر علامه محمد حسين اڪبر، سيد ضياءُ الله شاهه بخاري ۽ پيرزاده جنيد امين جي ميمبر طور منظوري ڏئي ڇڏي آهي. حافظ محمد طاهر محمود اشرفي، مفتي محمد زبير، سيد محمد حبيب عرفاني ۽ مولانا نسيم علي شاهه به اسلامي نظرياتي ڪائونسل جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔