وزير اعظم جي معائني لاءِ نفسياتي ماهرن جو پينل جوڙيو وڃي: احسن اقبال

لاهور: مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال مطالبو ڪيو آهي ته نفسيات جي ماهرن جو پينل جوڙي سليڪٽڊ وزير اعظم عمران خان جو نفسياتي معائنو ڪرايو وڃي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال اهڙي آهي جو سوشل ميڊيا بند ڪرڻي پئي اهڙي صورتحال ۾ حڪومت جي ترجيح جاتي امرا ۾ شريف خاندان جي گهر کي ڊاهڻ آهي. احسن اقبال جو چوڻ هو ته وزير اعظم کي نفسياتي معائني جي ضرورت آهي، هو ان عهدي جي لاءِ اَن فِٽ آهي، اسان مطالبو ڪيون ٿا ته في طور نفسيات جي ماهرن جو پينل جوڙيو وڃي جيڪو سليڪٽڊ وزير اعظم عمران خان جو نفسياتي معائنو ڪري ڇو ته هن جي انا حسد ۽ نفسياتي ڪيفيت ملڪ کي تباهه ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔