سنڌ پولس جا وڌيڪ 13 اهلڪار ڪورونا ۾ مبتلا

ڪراچي: گذريل 10 ڏينهن دوران سنڌ پوليس جا وڌيڪ 13 اهلڪار ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا. سنڌ پوليس جي ترجمان موجب صوبي ڪورونا وائرس مان متاثر آفيسرن ۽ جوانن جو انگ 6379 ٿي ويو آهي. سنڌ پوليس جي ترجمان جو ٻڌائڻ آهي ته ڪورونا جي خلاف فرضن جي ادائيگي دوران هن وقت تائين 24 پوليس آفيسر ۽ جوان شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته وبا مان متاثر علاج هيٺ آفيسرن ۽ جوانن جو انگ 28 آهي. سنڌ پوليس جي ترجمان موجب هن وقت تائين 6327 آفيسر ۽ جوان ڪورونا مان صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔