سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ اسپيشل ڪورٽن جو فيصلو

لاهور: پنجاب جي گورنر چوڌري سرور جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اوورسيز پاڪستانين جي ڪيسن لاءِ پنجاب ۾ اسپيشل ڪورٽس جي قيام جو فيصلو ڪيو ويو. گورنر سرور اجلاس کي خطاب ۾ چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي ڪيسن جي فيصلن لاءِ وقت جي حد به مقرر ڪئي ويندي، سمنڊ پار پاڪستاني قوم جو سرمايو آهي انهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين. اجلاس ۾ اوور سيز پاڪستانين کي ويڊيو لنڪ جي ذريعي بيان ريڪارڊ ڪرائڻ جي اجازت تي به غور ڪيو ويو. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جو سمنڊ پار پاڪستانين کي انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار آهي، پاڪستان جي معاشي مضبوطي ۾ اوور سيز پاڪستانين جو ڪردار ذڪر جوڳو آهي، ان سان ظلم ۽ ناانصافي برداشت نه ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔