سنڌ حڪومت اين او سي تي نظرثاني ڪري، ٻيٽن تي شهر اڏينداسين:وزيراعظم

سکر: وزير اعظم عمران خان ڪامياب نوجوان پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سنڌ لاءِ 446 ارب رپين جي ميگا ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو، ترقياتي منصوبن ۾ 306 ڪلو ميٽر سکر-حيدرآباد موٽر وي به شامل آهن، وزير اعظم پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، وزير اعظم عمران خان سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾سامونڊي ٻيٽن تي شهر ٺاهڻ نه ڏنا ويا، سنڌ حڪومت منصوبي ۾ رنڊڪ بڻجي وئي، ٻيٽن جي زمين خالي پئي آهي،شهر ٺهي سگهن ٿا، سنڌ حڪومت جي مخالفت سان صوبي کي نقصان ٿيندو، ٻيٽن تي شهر ٺهڻ سان وفاق نه سنڌ جي ترقي ٿيندي، سنڌ حڪومت کي چوندس ته فيصلي تي نظرثاني ڪري، سنڌ اچڻ تي خوشي ٿي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته سنڌ پاڪستان جو غريب ترين علائقو آهي، سنڌ جا ٻهرڙي وارا علائقا پٺتي رهجي ويا، مافيا سان مقابلي سبب سنڌ کي وقت ڏئي نه سگهيس، وفاق سنڌ کي 446 ارب جو ترقياتي پئڪيج ڏنو آهي، هن چيو ته قرض وٺي وفاق کي هلائي رهيا آهيون، 18هين ترميم تحت وفاق سڀ پئسا صوبن کي ڏئي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔