رينجرز۽ ڪسٽم انٽيلي جنس بنيادن تي ڪارروايون ڪري ساڍا 5 ڪروڙ ماليت جو سامان ضبط ڪري ورتو

ڪراچي :رينجرز ۽ ڪسٽم انٽيلي جنس بنيادن تي ڪارروايون ڪري ساڍا 5 ڪروڙ ماليت جو سامان ضبط ڪري ورتو، ترجمان سنڌ رينجرز موجب رينجرز ۽ ڪسٽم عملدارن ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ بلوچستان بارڊر تي ڪارروايون ڪيون، جنهن دوران 5 ڪروڙ 50 لک رپين جي ماليت جو سامان بر آمد ڪيو ويو آهي، ترجمان موجب بر آمد سامان ۾ 1100 کان وڌيڪ ڪپڙن جا بنڊلز، 166 بنڊل پيرا شوٽ ڪلاٿ، 827 ٽائرز ۽ خشڪ کير جا پيڪٽس به شامل آهن، ضبط ڪيل سامان ڪسٽم اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔