حيدرآباد جي حوريه اميري جي دستاويزي فلم گلوبل اسٽوري ٽيلنگ ڪمپيٽيشن 2021 ايوارڊ جي لاءِ چونڊجي وئي

ڪراچي: سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد سان تعلق رکندڙ نينگري حوريه اميري جي مختصر دستاويزي فلم بين الاقوامي اداري جي طرفان گلوبل اسٽوري ٽيلنگ ڪمپيٽيشن 2021 ايوارڊ جي لاءِ چونڊجي وئي آهي.

بين الاقوامي مقابلي ۾ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، انڊونيشيا ايران ۽ سربيا سوڌو يورپ جي 37 ملڪن جي 400 کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو.

 حوريه اميري پنهنجي مخص دستاويزي فلم ۾ حيدرآباد سوڌو پاڪستان ۾ کاري پاڻي جي فراهمي، صحت ۽ صفائي جي کوٽ، ڪچري ۽ ان سان پکڙجڻ وارين بيمارين جي نشاندهي ڪئي هئي.

حوريه اميري جي دستاويزي فلم سوڌو ٻين دستاويزي فلمن جون تصويرون ورچوئل آرٽ گيلري ۾ رکيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔