برطانيا ۽ ڪئناڊا گڏجي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي دوا ايجاد ڪري ورتي

لنڊن: برطانوي ۽ ڪئنڊين ٻن ڪمپنين گڏيل طور ڪورونا وائرس کان بچاءِ جي دوا ايجاد ڪري ورتي آهي، جنهن کي NONS نائٽرڪ اوڪسائيڊ نيزل اسپري جو نالو ڏنو ويو آهي، SaNOtize نالي ڪمپني ڪلينيڪل ٽرائيل ٽيسٽ بعد رزلٽ انائوس ڪري ڇڏيو آهي.
جڏهن ته برطانيا جي ايشفرڊ اينڊ سينٽ پيٽرس هاسپيٽل اين ايڇ ايس ٽرسٽ سَرَي پاران NONS کي محفوظ دوا جو درجو ڏنو ويو آهي، سَرَي اين ايڇ ٽرسٽ پاران چيو ويو آهي ته نائٽرڪ اوڪسائيڊ نيزل اسپري NONS کي 99 سيڪڙو محفوظ آهي، نڪ ۾ اسپري ڪري ان دوا جو استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسپري بعد 24 ڪلاڪن جي اندر 95 سيڪڙو ڪورونا وائرس جا وائرس مري وڃن ٿا، جڏهن ته 72 ڪلاڪن جي اندر 99 سيڪڙو ڪورونا جا وائرس مري وڃن ٿا.
جڏهن ته نائٽرڪ اوڪسائيڊ نيزل اسپري NONS ڪرونا وائرس مريض ۾ ٻيهر ڪورونا وائرس جي حملي کان بچاءُ جي صلاحيت به آهي، نئين وائرس جي حملي کي به اها دوا روڪي ٿي ۽ ماحول ۾ پيدا ڪورونا وائرس کي پکڙجڻ کان به روڪي ٿي.
ان حوالي سان اسرائيل ۽ نيوزيلينڊ دوا جي سرڪاري طور وڪري جي اجازت ڏئي ڇڏي، آهي، جڏهن ته اسرائيل ۽ نيوزيلينڊ جي اسپتالن ۾ اها دوا اڄ کان سرڪاري طور ڪورونا وائرس جي بچاءُ طور استعمال ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔