قابض ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي دوران وڌيڪ ٽي ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران 3 نوجوانن کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو.ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪشميري نوجوانن جي شهادت جو واقعو ضلعي پلوامه ۾ پيش آيو. جتي قابض ڀارتي فوج اچڻ وڃڻ وارا رستا بند ڪري گهر گهر تلاشي دوران عورتن سان بدتميزي ڪئي. بزرگن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو ۽ نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو.سرچ آپريشن دوران 3 نوجوانن کي گهرن مان پڪڙي ٻاهر آندو ويو جنهن کان پوءِ نوجوانن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو.جارحيت پسند ڀارتي فوج نوجوانن جي شهادت کي مقابلو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪٺ پتلي انتظاميه انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪندي لاشن کي وارثن جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪريو ڇڏيو جنهن تي علائقي جي رهواسين ۽ نوجوانن جي وارثن روڊ بلاڪ ڪري سخت احتجاج ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔