ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ڀارت جو ليجنڊ رانديگر سچن ٽنڊولڪر اسپتال منتقل

نئين دهلي: ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ڀارت جو ليجنڊ رانديگر سچن ٽنڊاولڪر اسپتال ۾ داخل ٿي ويو آهي.اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سچن ٽنڊوالڪر جي 27 مارچ تي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ٿي هئي جنهن ۾ هن چيو هو ته مون کي معمولي نوعيت جون نشانيون آهن پر منهنجي گهر جي سمورن گهر ڀاتين جي ڪورونا ناڪاري آئي آهي.ڀارتي ميڊيا موجب سچن ٽنڊوالڪر پهرين گهر ۾ قرنطينه ڪري رهيو هو پر هاڻ هو اسپتال ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن جي تصديق هن پاڻ ٽوئٽ جي ذريعي ڪئي آهي. 47 ساله سچن ٽنڊوالڪر پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته احتياطي تدبيرن جي طور تي ڊاڪٽرن جي مشوري تي اسپتال ۾ داخل ٿي ويو آهيان، اميد آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ئي گهر واپس ٿي ويندس. سچن ٽنڊوالڪر دعا ڪرڻ ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي عوام جو ٿورو به ادا ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔