ڀارتي اداڪاره ديا مرزا ڳورهاري هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ممبئي: بالي ووڊ جي اداڪاره ديا مرزا ڳورهاري هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ديا مرزا سوشل ميڊيا سائٽ انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪندي ڳورهاري هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.ديا مرزا ماءُ بنجڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ اداڪاره کي ان جي مداحن به مبارڪباد ڏني. ياد رهي ته ان کان اڳ اداڪاره پنهنجي مڙس ۽ ڀارتي واپاري ويبهوور ريکهي ۽ نڳي ڌيءَ سان گڏ مالديپ جون تصويرون شيئر ڪيون هيون.ڀارتي اداڪاره ديا مرزا فيبروري مهيني دوران ممبئي جي واپاري سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي هئي. 39 ساله اداڪاره جي اها ٻئي شادي آهي. ان کان اڳ پروڊيوسر ساحل سنگها سان شادي جي 5 سالن کان پوءِ 2019 ۾ هنن ٻنهي جا رستا ڌار ٿي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔