مقبول لوڪ گلوڪار شوڪت علي لاهور ۾ 77 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور: مقبول لوڪ گلوڪار شوڪت علي لاهور جي سي ايم ايڇ اسپتال ۾ 77 ورهين جي ڄمار م لاڏاڻو ڪري ويو. هو گذريل ٻن سالن کان جگر جي مرض ۾ مبتلا هو، طبيعت خراب ٿيڻ سبب شوڪت علي گذريل 18 ڏينهن کان سي ايم ايڇ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. گذريل سال شوڪت علي گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ پڻ علاج بعد صحتمند ٿي گهر واپس روانو ٿيو هو. شوڪت علي 1944 ۾ پنجاب جي علائقي ملڪوال ۾ فنڪار گهراڻي ۾ جنم ورتو، 1976 ۾ کيس وائيس آف پنجاب جو اعزاز ڏنو ويو، جڏهن ته 1990 ۾ کيس ملڪ جو سڀ کان وڏو اعزاز پرائيڊ آف پرفارمنس ڏنو ويو. سندس جنازي نماز سڀاڻي لاهور ۾ ادا ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔