فريال ٽالپر جو اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي ڪيس روڪرائڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد: فريال ٽالپر اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي ڪيس روڪرائڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. فريال ٽالپر اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي ڪيس روڪرائڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ام پي اي ارسلان تاج ۽ رابعه افضل جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن نااهلي ڪيس کولي ڇڏيو، ٻنهي ايم پي ايز جي عدم پيروي تي پاڻ اليڪشن ڪيمشن به پهرين درخواست خارج ڪري چڪو هو. فريال ٽالپر چيو ته آصف زرداري جي ڀيڻ آهيان ان ڪري سياسي مخالف بي بنياد ڪيسن ۾ پيا ڦاسائن، 8 فيبروري تي ٻيهر درخواست اچڻ تي اليڪشن ڪميشن ڪيس ٻيهر کولي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن کي 8 فيبروري وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڪارروائي کان روڪيو وڃي. فريال ٽالپر چيو ته ٻنهي ايم پي ايز جي درخواست سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر رد ڪري ڇڏي هئي، اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي جي فيصلي خلاف درخواست ٻڌڻ جو اختيار نٿو رکي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔