ثابت ٿي ويو ته حڪومت ڊسڪا جي عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ نواز جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ثابت ٿي ويو آهي ته حڪومت ڊسڪا جي عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو، مريم نواز ٽوئٽ ڪندي چيو ته ن ليگ جي سمورن شينهن کي مبارڪون هجن جن نه رڳو ووٽ چور ٽولي جو ڄمي مقابلو ڪيو پر پنهنجي ووٽ تي پهرو ڏنو، شاباس ڊسڪا وارو، شاباس، شاباس نوشين، مريم نواز چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿي ويو ته عمران خان ۽ سندس جعلي حڪومت ڊسڪا جي عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو آهي، رڳو ٻيهر اليڪشڻ سان ڳالهه نه ٺهندي اهڙين وارداتن کي ووٽ چوري ڪرڻ ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملي کي اغوا ڪرڻ جي ڏوهه جو حساب ڏيڻو پوندو، انشاءُ الله……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔