گورنر عمران اسماعيل سان ايم ڪيو ايم جي 3رڪني وفد ملاقات

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ايم ڪيو ايم جي 3رڪني وفد گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ايم ڪيو ايم وفد ۾ عامر خان، ڪنور نويد جميل ۽ وسيم اختر شامل هئا، ايم ڪيو ايم وفد ملاقات دوران ڪراچي ٽرانسفورميشن پلان تحت ترقياتي ڪمن ۾ سست رفتاري تي خدشن جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي گورنر عمران اسماعيل چيو ته ڪراچي جي ترقياتي ڪمن کي يقيني طور تي مڪمل ڪيو ويندو، وزيراعظم ڪراچي جي ترقي ۾ ذاتي دلچسپي رکي ٿو، حڪومت طرفان اعلان ڪيل سمورا معاملا جلد کان جلد حل ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔