سيوھڻ ۾ درگاھه قلندر جو مک گيٽ ٽوڙڻ وارو مامرو، 400 اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل

سيوھڻ: سيوھڻ ۾ درگاھه قلندر جو مک گيٽ ٽوڙڻ وارو مامرو، سيوھڻ ٿاڻي تي درگاهه قلندر جي سيڪيورٽي انچارج سيد نجف علي شاهه جي مدعيت ۾ 400 اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ جوابدارن خلاف حملو ڪري امن امان خراب ڪرڻ، ڊيوٽي اٽڪاءَ، جان کان مارڻ جي ڪوشش، ڀڃ ڊاھ، درگاهه قلندر جو گيٽ ٽوڙي ٽوڙي مزار جي بيحرمتي ڪرڻ جا مختلف قلم شامل ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ فريادي سيد نجف علي شاهه ڄاڻايو آهي ته اسان جا جوان درگاهه اندر ڊيوٽي ڪري رھيا ھئا ته 3 کان 4سئو زيارتين جو ھجوم درگاهه جي داخلا واري گيٽ تي پھچي دروازو کولڻ ۽ زيارت ڪرائڻ جو چيو انڪار تي ماڻهن حملو ڪيو جنهن ۾ سيوھڻ جھانگارا ۽ ڀان سيدآباد ٿاڻي جا 9 اھلڪار مزار علي بڙدي، عبدالرزاق، امين لاکو، ممتاز علي لنڊ، نديم علي، بشير ھاليپوٽو، محمد آچر، وزير علي ۽ علي محمد گائينچو زخمي ٿي پيا، جوابدارن درگاهه تي ڊيوٽي ڪندڙ اھلڪارن جي 4موٽرسائيڪلن کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ سي سي ٽي وي ڪيميرائن کي ٽوڙي نقصان پھچايو، واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔