سنڌ ڪابينا سنڌ ۽ چيني صوبي هوبي کي سسٽر صوبا قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا، غريب ماڻهن کي بنا وياج قرض ڏيڻ لاءِ چيف منسٽر سيلف ايمپلائيمينٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ ۽ چين جي صوبي هوبي کي سسٽر صوبا قرار ڏيڻ ۽ اسپيشل ڪورٽ فار ڪوآپريٽو جَي قيام جي به منظوري، وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪابينا جي اجلاس دوران بجيٽ اسٽريٽجي پيپر جي به منظوري ڏني وئي، اسٽريٽجي پيپر تيار ڪرڻ جو مقصد حڪومتي پاليسيز، ترجيحن ۽ فنڊز جو ڪاٿو لڳايو ويندو، پيپر ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ جا منصوبا تجويز ڪيا ويندا: وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت غريب نوجوانن کي بنا وياج قرض ڏئي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ گهري ٿي، نئين پراجيڪٽ سان غربت ۾ گهٽتائي ايندي، ڪابينا طرفان رولز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ صوبائي وزير ناصر شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي به منظوري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔