پ پ سرڪاري پارٽي سان اتحاد ڪري گهاٽي جو سودو ڪيو: احسن اقبال

لاهور: پ پ اپوزيشن ليڊر جي عهدي لاءِ سرڪاري پارٽي سان اتحاد ڪري گهاٽي جو سودو ڪيو آهي، نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان کي خبر پئجي وئي آهي ته هاڻي سندس اننگ جو آخري اوور شروع ٿي ويو، اڄ يا سڀاڻي عمران خان جو وڃڻ طئه آهي، نااهل حڪمران ڪورونا کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ معيشت سنڀالڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، نواز شريف کي مودي جو يار سڏيندڙ پاڻ ڀارت سان واپار ڪري رهيا آهن، ٻڌايو وڃي ته هوائن جو رُخ ڪيئن تبديل ٿيو، ڇا ڀارت ڪشمير مسئلي تي ڪا نرمي ڪئي آهي؟ پي ڊي ايم جي جدوجهد رڳو عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ نه آهي، اسان ملڪ ۾73 سالن کان جاري ميوزيڪل چيئر راند ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔