ڪورونا ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ پارليامينٽ هائوس کي هڪ دفعو ٻيهر بند ڪرڻ تي غور

اسلام آباد: پارليامينٽ هائوس ۾ ڪورونا ڪيسز جي ڳڻتي جوڳي صورتحال ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر پارليامينٽ هائوس کي بند ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

ٻنهي سيڪريٽريٽ جا اعليٰ آفيسر به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ڪيترائي شعبا به ڪورونا سبب متاثر آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي آفيسرن ۽ ملازمن ۾ ڪورونا ڪيسن جي تصديق ٿي آهي جنهن کان پوءِ انهن کي قرنطينه ڪيو ويو آهي.

پارليامينٽ هائوس ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح 30 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي. ٻنهي ايوانن جي سيڪريٽرين به اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي ٻن هفتن جي لاءِ عمارت کي بند ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. قائمه ڪميٽين جي اجلاس ۾ به وزارتن جي 50 کان 70 آفيسرن جي شرڪت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ڪميٽين جي اجلاس دوران ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي ڪيترائي ميمبر، چيئرمين ۽ ڪميٽي جا وزير ماسڪ جو استعمال نه ڪري رهيا آهن.

ياد رهي ته ان کان اڳ ڪورونا جي ٻئي لهر دوران به پارليامينٽ جا ٻئي ايوان سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جون سموريون سرگرميون معطل ڪيون ويون هيون. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔