سنڌ حڪومت برسات متاثرين ۾ 4 ارب روپيا ورهائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي:  2020 ۾ ٿيندڙ برسات سبب تباهي جي نقصانن بابت سنڌ حڪومت برسات متاثرين ۾ 4 ارب روپيه ورهائڻ جي منظوري ڏيندي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي.

2020 ۾ ٿيندڙ برساتن سبب تباهي جي نقصانن بابت سنڌ حڪومت 4 ارب روپيه ورهائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. برسات متاثرين جي نقصانن جي حوالي سان رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي و ئي آهي.

رپورٽ موجب گذريل سال برسات ۾ 149 ڄڻا فوت جڏهن ته 103 زخمي ٿيا. 7120 پڪا ۽ 75 هزار ڪچا گهر مڪمل طور تي تباهه ٿيا.

پوڻا 2 لک کان وڌيڪ گهرن کي جزوي نقصان پهتو. فوت ٿي ويلن جي وارثن کي في ماڻهو هڪ لک، زخمين کي 25 هزار  روپيه ڏنا وييدا. متاثرين ۾ رقم ورهائڻ لاءِ نجي بينڪ سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔