مريم نواز جو علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ نه وڃڻ جو اعلان

لاهور: ن ليگ نائب صدر مريم نواز علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ نه وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٽوئيٽر تي بيان ۾ مريم نواز چيو ته مان ڪجهه ڏينهن کان بيمار ڇا ٿيس، ڏڪندڙ حڪومت کي اميد ٿي وئي ته شايد مان علاج ڪرائڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ لڳي آهيان. سندس چوڻ هو ته مان توهان جي اميدن تي پاڻي هارڻ لاءِ ٻڌائي ڇڏيان ته توهان کي گهر موڪلڻ تائين ڪيڏانهن وڃڻ جو ارادو ناهي، مان هتي ئي ويهي توهان جو علاج جاري رکنديس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔