جماعت اسلامي ڪورونا وائرس سبب عوامي سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون

لاهور: جماعت اسلامي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال کي ڏسندي سموريون عوامي سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون. جماعت اسلامي جي ترجمان قيصر شريف موجب سمورا وڏا پروگرام ڪورونا وائرس سبب ملتوي ڪيا ويا آهن، وبائي مرض جي پکيڙ کي ڏسندي منصوره لاهور ۾ مرڪزي تربيت گاهه جو سلسلو به معطل رهندو. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته تنظيمي سرگرميون ايس او پيز تحت انجام ڏنيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔