پاڪستان خيرات وٺي ڪورونا جو مقابلو ڪري رهيو آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان خيرات وٺي ڪورونا جو مقابلو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اين سي او سي ناڪام ٿي چڪو، ڇو ته هن کي خبر ئي ناهي ته ڇا ڪرڻو آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته براڊ شيٽ جو اسڪينڊل آيو ۽ فائلون غائب ٿي ويون، نيب عدالتن ۾ ڪيميرائون لڳايون ۽ ماڻهن کي ڏيکاريو، ند نصيبي سان نيب هڪ آمر بڻايو، جيڪو هن وقت تاين قائم آهي، جڏهن ته نيب جو ڪم سياستدانن کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي، نيب اپوزيشن کي دٻائڻ جي لاءِ بڻايو ويو هو ۽ اهوئي ڪم ڪري رهيو آهي، ان جي ڪري نيب رهندو يا ملڪ رهندو، ڇو ته ٻئي گڌجي نٿا هلي سگهن، شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سنجيده مامرو آهي، هڪ سال ٿي ويو پر پاڪستان ڪورونا وائرس تي قابو نه ڪري سگهيو، هڪ سال اڳ جيڪا فوتگين جي شرح هئي اڄ پاڪستان ۾ ان کان وڌيڪ آهي، ٻين ملڪن جي پاليسي ۾ پهريون نقطو ماسڪ پائڻ آهي ۽ پاڪستان ۾ ماسڪ پائڻ 13 هون نڪتو آهي، هن وڌيڪ چيو آهي ته ملڪ جي معيشت تباهه ٿي چڪي، ان بعد اسان کي معلوم ٿيو ته ناڻي وارو وزير نالائق هو، اين سي او سي کي خبر ئي ناهي ته ڇا ڪرڻو آهي، هن جي 16 نڪتن ۾ هڪ به جڳهه تي ويڪسين جو ذڪر نه آهي، ويڪسين جو ذڪر ان جي ڪري ناهي ڇو ته ڪرپشن ويڪسين ۾ ٿي رهي آهي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن ڪورونا وائرس جي هڪ سئي به ناهي خريد ڪئي، پاڪسان خيرات وٺي ڪورونا جو مقابلو ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔