فيض گنج تعلقي ۾ گئس جي سهولت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

سکر: سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ فيض گنج تعلقي ۾ گئس جي سهولت نه هجن خلاف درخواست داخل ڪئي وئي، عدالت ڌر بڻايل گئس اختيارين ۽ ڊي سي خيرپور کان 5 اپريل تي طلب ڪري ورتو، درخواست موقف اختيار ڪيو آهي ته خيرپور ضلعي ۽ تعلقي فيض گنج مان 62 سيڪڙو گئس پيدا ٿي رهي آهي، خيرپور مان پيدا ٿيندڙ گئس ملڪ ۾ سپلائي ڪئي ويندي آهي، اسان جي تعلقي کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو ويو آهي، درخواست گذار جو چوڻ هو ته جديد دور ۾ بھ اوائلي دور وانگر زندگي گھارڻ تي مجبور آھيون، جنھن ڪري سخت پريشانيون درپيش اچن ٿيون، عدالت کان استدعا آھي ته تعلقي فيض گنج ۾ گيس جي سهولت ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔