صدر ۽ وزيراعظم طرفان نئين سال جي موقعي تي سموري قوم کي مبارڪباد، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون

اسلام آباد:  صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف نئين سال جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

صدر آصف علي زرداري نئين سال جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان چيلنجز کان محفوظ نه آهي پر اسان به بيوس نه آهيون. اتحاد، استقامت، تخليقي صلاحيت ۽ يقين جي ذريعي سمورين پريشانين تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.

صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان بحيثيت قوم پاڪستان جي نگهبان هجڻ جي حيثيت سان پنهنجي ذميوارين جي تجديد ڪرڻي پوندي ته جيئن ملڪ کي پيش ايندڙ چيلنجز جو موثر انداز ۾ مقابلو ڪري سگهجي.

وزيراعظم سموري ملڪ کي نئين سال جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته خدا ڪري نئون سال ملڪ جي لاءِ خوشحالي، ترقي ۽ استحڪام جي خبر کڻي اچي.

وزيراعظم چيو ته 2025 جو سال ملڪ جي دفاع جي حوالي سان تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. سموري قوم بهادر فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل رهي. ملڪ جي دفاع لاءِ اسان هر وقت پاڪ فوج سان گڏ آهيون.

تبصرے بند ہیں۔