اسلام آباد: نوان خواب، نيون اميدون، نئون سال، ڀليڪار 2026، آن لائين انڊس نيوز طرفان نئين سال جي موقعي تي سموري ملڪ کي مبارڪباد پيش ڪئي وڃي ٿي.
ڪالهه رات 12 ٿيندي ئي نئين سال جي شروعات سان سموري ملڪ ۾ آتشبازي ۽ جشن جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڪراچي، لاهور، اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. نئين سال جي خوشي ۾ نوجوان روڊن تي نڪري آيا.
ڪراچي ۾ گورنر هائوس ۾ 47 منٽن تائين رنگا رنگ آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. هزارين ماڻهن جمع ٿي نئين سال جي آجيان ڪئي. ڪراچي جي علائقي نيو ناظم آباد ۾ ميوزيڪل شو جو به اهتمام ڪيو ويو.
هوڏانهن لاهور ۾ لبرٽي چوڪ ۽ سکر جي لينس ڊائون برج تي رنگا رنگ آتشبازي ڪئي وئي. ملتان ۽ فيصل آباد ۾ به نئين سال جي شاندار طريقي سان آجيان ڪئي وئي.
اسلام آباد جي جناح ايوينو ۾ سال 2026 کي ڀليڪار چوڻ لاءِ شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. ايڪسپريس وي تي امارات ڊائون ٽائون بلڊنگ تان ڪيل آتشبازي سان آسمان تي رنگ برنگي روشنيون بکرجي ويون.
پشاور ۾ به نئين سال جي حوالي سان آسمان رنگا رنگ آتشبازي سان روشن ٿي ويو. جتي نوجوانن طرفان روڊن تي ڊانسون ڪيون ويون. ڪوئٽه ۾ به آتشبازي ۽ موسيقي جي محفل مچائي وئي.
تبصرے بند ہیں۔